2 Corinthians 7:11 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو ڏسو، اها ئي ساڳي ڳالهہ تہ اوهان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪهڙي نہ سرگرمي، ڪهڙي نہ عذرخواهي، ڪهڙي نہ غيرت، ڪهڙو نہ ڊپ، ڪهڙي نہ سڪ، ڪهڙو نہ شوق، ڪهڙو نہ انتقام پيدا ڪيو! هر طرح سان اوهان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ انهي ڳالهہ ۾ اوهين آجا آهيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڏسو، اوھان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب ھئي، تنھن اوھان ۾ ڪھڙي نہ سرگرمي ۽ پاڻ کي بيڏوھي ثابت ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو، ڪھڙي نہ رنجش، ڪھڙو نہ خوف، ڪھڙي نہ سڪ ۽ ڪھڙو نہ شوق پيدا ڪيو ۽ اوھين ڪھڙيءَ طرح بدڪار کي سيکت ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. اوھان ھر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوھين ھن معاملي ۾ بيڏوھي آھيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻي ڏسو، اوهان جي غمگيني جيڪا ايشور جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪيڏو نہ اثر پيدا ڪيو. هائو، انهيءَ اوهان ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪيڏي نہ سرگرمي، غلط ڪمن تي ڪيڏو نہ رنج، ايشور جو ڪيڏو نہ خوف، ڪيڏي نہ سڪ ۽ ڪيڏو نہ جذبو پيدا ڪيو ۽ اوهين ڏوهاريءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪيڏا نہ تيار ٿيا. ائين اوهان هر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوهين هن معاملي ۾ بيڏوهي آهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي ڏسو، اوهان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪيڏو نہ اثر پيدا ڪيو. هائو، انهيءَ اوهان ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪيڏي نہ سرگرمي، غلط ڪمن تي ڪيڏو نہ رنج، خدا جو ڪيڏو نہ خوف، ڪيڏي نہ سڪ ۽ ڪيڏو نہ جذبو پيدا ڪيو ۽ اوهين ڏوهاريءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪيڏا نہ تيار ٿيا. ائين اوهان هر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوهين هن معاملي ۾ بيڏوهي آهيو.