2 Corinthians 7:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن هن کي اوهان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي، تہ اوهين ڪهڙيءَ طرح ڊڄندي ۽ ڏڪندي ساڻس گڏيا، تڏهن سندس دلي محبت اوهان ڏانهن پاڻ گهڻي قدر زيادہ ٿي ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن ھن کي اوھان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي تہ ڪھڙيءَ طرح ادب ۽ تابعداري ڪندي اوھان ھن سان گڏيا ھئا، تڏھن سندس دلي محبت اوھان لاءِ گھڻي وڌي ٿي وڃي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن هن کي اوهان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي تہ ڪيئن نہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي اوهان هن جي مهماننوازي ڪئي هئي، تڏهن سندس دلي پريم اوهان لاءِ گھڻو وڌي ٿو وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن هن کي اوهان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي تہ ڪيئن نہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي اوهان هن جي مهماننوازي ڪئي هئي، تڏهن سندس دلي محبت اوهان لاءِ گھڻو وڌي ٿي وڃي.