2 Corinthians 7:3 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
آئون اوهان کي ڏوهہ ڏيڻ جي لاءِ ائين نٿو چوان، ڇالاءِ جو آئون اڳيئي چئي چڪو آهيان، تہ اوهين اسانجين دلين ۾ اهڙي طرح ٿا رهو، جو اسين گڏ مرنداسين، ۽ گڏ جيئنداسين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ اوھان تي الزام ھڻڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇالاءِ⁠جو مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آھي تہ اوھان لاءِ اسانجين دلين ۾ اھڙي جاءِ آھي جو اسين جيئڻ ۽ مرڻ ۾ ھميشہ گڏ آھيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ اوهان کي ڏوهي قرار ڏيڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇاڪاڻ تہ مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي تہ اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ اهڙي جاءِ آهي جو اسين جيوت رهڻ توڙي مرڻ ۾ هميشہ گڏ آهيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اوهان کي ڏوهي قرار ڏيڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇاڪاڻ تہ مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي تہ اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ اهڙي جاءِ آهي جو اسين جيئڻ توڙي مرڻ ۾ هميشہ گڏ آهيون.