2 Corinthians 7:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو جڏهن اسين مڪدونيہ ۾ آياسين، تڏهن بہ اسان جي جسم کي آرام ڪونہ هو، پر اسين هر طرف مصيبتن ۾ گرفتار ٿي وياسين؛ ٻاهر جهيڙا جهڳڙا هئا، اندر ڊپ ڊاءُ هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن اسين مڪدونيا ۾ آياسين تڏھن بہ اسان کي آرام نہ مليو، پر ھر طرف کان مصيبت ۾ گرفتار ٿي وياسين. ٻاھر جھيڙا جھڳڙا ھئا ۽ اندر خوف خطرا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، جڏهن اسين مڪدُنيا صوبي ۾ آياسين تڏهن بہ اسان کي آرام نہ مليو، بلڪ هر طرف کان مصيبتن ۾ ڦاسجي وياسين. ٻاهر جھيڙا جھڳڙا هئا ۽ اندر ۾ خوف خطرا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، جڏهن اسين مڪدُنيا صوبي ۾ آياسين تڏهن بہ اسان کي آرام نہ مليو، بلڪ هر طرف کان مصيبتن ۾ ڦاسجي وياسين. ٻاهر جھيڙا جھڳڙا هئا ۽ اندر ۾ خوف خطرا.