2 Corinthians 8:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ جيڪڏهن نيت هوندي، تہ جيڪي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو، تنهن موجب سندس خيرات قبول پوندي، نہ انهي موجب جيڪي موجود نہ هوندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو جيڪڏھن ڏيڻ جي نيت ھوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنھن ماڻھوءَ وٽ ھوندو تنھن موجب سندس نذرانو خدا قبول ڪندو، نہ انھيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب ايشور سندس دان قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.