2 Corinthians 8:23 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن ڪو طيطس بابت پڇي تہ انهي کي خبر هجي تہ هو منهنجو شريڪ آهي، ۽ اوهان جي خدمت ڪرڻ ۾ منهنجو رفيق آهي، يا جي ڪو اسانجن ڀائرن بابت پڇي تہ انهي کي خبر هجي تہ اُهي ڪليسيائن جا قاصد ۽ مسيح جو جلال آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
طيطس جي باري ۾ ھي آھي تہ ھو منھنجو شريڪ ۽ اوھان جي خدمت ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آھي. اسان جي ٻين ڀائرن جي باري ۾ ھي آھي تہ اھي ڪليسيائن جا نمائندا آھن ۽ مسيح جي واکاڻ جو سبب آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيستائين طيطس جو واسطو آهي تہ هو منهنجو ساٿي ۽ اوهان منجھہ سيوا ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آهي. باقي اسان جا هي ٻيا ڀائر منڊلين جا نمائندا ۽ مسيح جي مهما جو سبب آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيستائين طيطس جو تعلق آهي تہ هو منهنجو ساٿي ۽ اوهان منجھہ خدمت ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آهي. باقي اسان جا هي ٻيا ڀائر ڪليسيائن جا نمائندا ۽ مسيح جي واکاڻ جو سبب آهن.