2 Corinthians 8:7 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جيئن اوهين سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، يعني ايمان ۽ ڪلام ۽ علم ۾، هر طرح جي سرگرميءَ ۾، ۽ اسان ڏانهن پنهنجي محبت ۾ وڌندا ٿا وڃو، تيئن هن فضل ۾ بہ وڌندا وڃو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جيئن اوھان ھر ڳالھہ ۾ يعني ايمان آڻڻ ۽ ڪلام ڪرڻ ۾، علم ۽ ھر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انھيءَ محبت ۾ جيڪا اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، تيئن ھن سخاوت جي ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ اوهين هر ڳالهہ يعني وشواس ۾، اُپديش ڏيڻ ۾، ڄاڻ توڙي هر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انهيءَ پريم ۾ جيڪو اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، سو هن ڀلائيءَ واري ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ اوهين هر ڳالهہ يعني ايمان ۾، پيغام ڏيڻ ۾، ڄاڻ توڙي هر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انهيءَ محبت ۾ جيڪا اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، سو هن ڀلائيءَ واري ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو.