2 John 1:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هاڻي آئون توکي هڪڙو عرض ٿو ڪريان. آئون ڪو نئون حڪم ڪونہ ٿو لکان، پر اُهو پراڻو ئي حڪم جيڪو اسان کي شروعات ۾ مليو هو، تہ اسين هڪٻئي کي پيار ڪريون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پياري ڀيڻ، عرض تہ آءٌ تو ڏانھن ڪو نئون حڪم نہ، بلڪ اھو پراڻو حڪم لکي رھيو آھيان، جيڪو شروع کان اسان کي مليو ھو تہ اسين ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو اي پياري ڀيڻ! آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ اسين سڀ هڪٻئي سان پيار ڪريون. اهو آءٌ ڪو نئون حڪم نہ پر پراڻو حڪم لکي رهيو آهيان، جيڪو شروع کان اسان کي مليو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو اي پياري ڀيڻ! آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ اسين سڀ هڪٻئي سان پيار ڪريون. اهو آءٌ ڪو نئون حڪم نہ پر پراڻو حڪم لکي رهيو آهيان، جيڪو شروع کان اسان کي مليو آهي.