2 Kings 1:13 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ وري هن ٽئين پنجاهن واري سردار کي پنجاهہ ماڻهن سان موڪليو. ۽ ٽيون پنجاهن وارو سردار مٿي چڙهيو ۽ اچي ايلياہ جي اڳيان گوڏا کوڙي ويٺو، ۽ نيزاري ڪري هن کي چيائين، تہ اي خدا جا مرد، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ من منهنجي حياتي ۽ هنن تنهنجن پنجاهہ ٻانهن جي حياتي تنهنجي نظر ۾ قدر واري ٿئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بادشاهہ وري ٽيون پنجاهہ سپاهين جو سالار سندس سپاهين سميت هن ڏانهن موڪليو. ٽيون سالار مٿي چڙهي ويو ۽ الياس جي اڳيان گوڏا کوڙي، منٿ ڪندي کيس چيائين تہ ”اي خدا جا ٻانها! مون تي ۽ هنن پنجاهہ ماڻهن تي رحم جي نظر ڪريو. اسين توهان جا ٻانها آهيون سو اسان کي جيئدان ڏيو.