2 Kings 1:3 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر خداوند جي ملائڪ ايلياہ تشبيءَ کي چيو تہ اُٿ وڃي سامريہ جي بادشاهہ جي قاصدن کي گڏج، ۽ چئين تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو اوهين عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪرڻ ٿا وڃو؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر هوڏانهن خداوند جي ملائڪ الياس تشبيءَ کي چيو تہ ”اُٿ، وڃي اسرائيل جي بادشاهہ جي قاصدن کي پهچ ۽ کين چئُہ تہ ’ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو اوهين عقرون شهر جي معبود بعلزبوب کان پڇا ڪرڻ ٿا وڃو؟