2 Kings 1:6 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن هنن چيو تہ هڪڙو ماڻهو اسان کي اچي گڏيو، ۽ اسان کي چيائين تہ جنهن بادشاهہ اوهان کي موڪليو آهي تنهن وٽ موٽي وڃو، ۽ چئوس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو تو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇائي موڪليو آهي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ کان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور تون مرندين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو اچي اسان سان مليو، جنهن اسان کي اوهان ڏانهن خداوند جو هي پيغام ٻڌائڻ لاءِ موٽائي روانو ڪيو تہ ’ اسرائيل ملڪ ۾ ڪو معبود ڪونهي ڇا جو تون عقرون شهر جي معبود بعلزبوب کان پڇي اچڻ لاءِ ماڻهو موڪلين ٿو؟ تنهنڪري جنهن کٽ تي تون پيو آهين تنهن تان هيٺ نہ لهندين، پر تون ضرور مرندين.‘“