2 Kings 10:15 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن هو اُتان روانو ٿيو، تڏهن هو يهوناداب بن ريڪاب کي گڏيو، جو سندس استقبال لاءِ ٿي آيو: ۽ هن انهيءَ کي سلام ڪري چيو تہ جيئن منهنجي دل تنهنجيءَ دل سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل مون سان آهي يا نہ؟ ۽ يهوناداب ورندي ڏني تہ آهي. تڏهن هن چيس تہ جي ائين آهي تہ تون مون کي پنهنجو هٿ ڏي. ۽ هن کيس پنهنجو هٿ ڏنو؛ ۽ هن کيس چاڙهي پنهنجيءَ رٿ ۾ کڻي ويهاريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ ييهو اتان روانو ٿيو ۽ رستي ۾ کيس يهوناداب ولد ريڪاب گڏيو، جيڪو سندس استقبال ڪرڻ لاءِ آيو پئي. ييهوءَ کيس کيڪاريندي چيو تہ ”جيئن منهنجي دل تو سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل بہ مون سان آهي يا نہ؟“ يهوناداب وراڻيس تہ ”بلڪل آهي.“ تڏهن ييهوءَ کيس چيو تہ ”جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ مون کي پنهنجو هٿ ڏي.“ هن کيس هٿ ڏنو ۽ ييهوءَ کيس ڇڪي پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ ويهاريو.