2 Kings 10:19 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري هاڻي اوهين بعل جا سڀ نبي، ۽ سندس سڀ پوڄيندڙ، ۽ سڀ پوڄاري سڏي مون وٽ آڻيو؛ جيئن هڪڙو بہ رهجي نہ وڃي: ڇالاءِ جو مون کي بعل جي لاءِ هڪڙي وڏي قرباني ڪرڻي آهي؛ جيڪو رهجي ويندو سو جيئرو نہ رهندو. پر ياهو اها چالاڪي ٿي ڪئي، جو ارادو هوس تہ بعل جي عبادت ڪندڙن کي چٽ ڪري ڇڏي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو هاڻي اوهين بعل جا سڀ نبي سڏائيندڙ، سندس سڀ پوڄيندڙ ۽ سندس سڀ مذهبي اڳواڻ سڏي مون وٽ آڻيو. ڏسجو متان ڪو رهجي وڃي، ڇو تہ مون کي بعل جي لاءِ هڪڙي وڏي قرباني ڪرڻي آهي. سو جيڪو نہ ايندو تنهن کي جيئرو نہ ڇڏيندس.“ ييهوءَ اها چالاڪي ٿي ڪئي تہ جيئن بعل جا سڀ پوڄيندڙ مارائي چٽ ڪري ڇڏي.