2 Kings 10:24 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ هو اندر لنگهي ذبح ڪرڻ واريون قربانيون، سوختني قربانيون چاڙهڻ ويا. هاڻي ياهو پنهنجي لاءِ اسي ماڻهو ٻاهر تيار ڪري بيهاري ڇڏيا هئا ۽ اُنهن کي چيائين تہ جيڪي ماڻهو آءٌ اوهانجن هٿن ۾ ڏيان، تن مان جي ڪو ڀڄي ويو، تہ جنهن جي هٿان اُهو ويندو اُنهيءَ جو ساهہ هن جي عيوض ورتو ويندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ ييهو ۽ يهوناداب بعل ديوتا واسطي جانورن جون قربانيون ۽ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪرڻ لڳا. ان کان اڳ ۾ ييهو ٻاهر دروازي تي اسي ماڻهو بيهاري ڇڏيا هئا، جن کي حڪم ڏنو هئائين تہ ”اوهان کي هنن سڀني ماڻهن کي مارڻو آهي. جيڪڏهن ڪوبہ ڪنهن کان ڀڄي ويو تہ انهيءَ جي عيوض هو پنهنجي جان وڃائيندو.“