2 Kings 10:25 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن سوختني قرباني چاڙهي بس ڪئي، تڏهن ياهوءَ پهري وارن کي ۽ لشڪر جي سردارن کي چيو تہ اندر لنگهي وڃي هنن کي ڪُهو؛ جيئن هڪڙو بہ ٻاهر نہ نڪري. ۽ هنن انهن کي ترار جي ڌار سان وڃي ماريو؛ پوءِ پهري وارن ۽ لشڪر جي سردارن انهن کي ٻاهر اُڇلائي ڦٽو ڪيو ۽ بعل جي گهر واري شهر ڏانهن هليا ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن هنن ساڙڻ واريون قربانيون ڪري بس ڪئي، تڏهن ييهوءَ پنهنجي پهريدارن ۽ سالارن کي حڪم ڏنو تہ ”اندر گھڙي وڃي سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ بچي نڪرڻ نہ ڏيو.“ سو هو اندر گھڙي ويا ۽ انهن کي تلوارن سان ماري ڇڏيائون. پوءِ پهريدارن ۽ سالارن انهن جي لاشن کي گهلي ٻاهر اڇلايو ۽ بعل جي پوڄا گھر جي اندرين ڪوٺيءَ ۾ ويا.