2 Kings 10:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪو گهر جي ڪم ڪار جي نظرداري ڪندڙ هو، ۽ جيڪو شهر جي سنڀال ڪندڙ هو، ۽ بزرگن، ۽ ٻارن جي پالڻ وارن بہ، ياهوءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ اسين تنهنجا نوڪر آهيون، جيئن تون چوندين تيئن ڪنداسين؛ اسين ٻئي ڪنهن کي بہ بادشاهہ نہ ڪنداسين: جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو تون ڪر.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو شاهي محل جي ناظم، شهر جي گورنر، اتان جي اڳواڻن ۽ اخي‌اب بادشاهہ جي اولاد کي پالڻ وارن بہ ييهوءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”اسين اوهان جا ٻانها آهيون، جيئن اوهين چوندا تيئن ئي ڪنداسين. اسين ڪنهن کي بہ بادشاهہ نہ بڻائينداسون. باقي توهان کي جيڪي وڻي سو ڀلي ڪريو.“