2 Kings 10:6 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن هن ٻيو ڀيرو هڪڙو خط هنن ڏانهن لکيو ۽ چيائين تہ جي اوهين منهنجي طرف ٿيڻ گهرو ۽ منهنجي ڳالهہ مڃو، تہ اهي سڀ ماڻهو، جي اوهان جي ڌڻيءَ جا پٽ آهن تن جون سسيون لاهي ڇڏيو، ۽ پوءِ سڀاڻي هن وقت ڌاري مون وٽ يزرعيل ۾ اچو. هاڻي بادشاهہ جا پٽ جي ستر ڄڻا هئا، سي شهر جي وڏن ماڻهن وٽ هئا، جن هنن کي پالي وڏو ڪيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن ييهوءَ هنن ڏانهن ٻيو خط لکيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي طرف آهيو ۽ منهنجا فرمانبردار آهيو، تہ پوءِ پنهنجي مالڪ جي اولاد جون سسيون پاڻ لاهي سڀاڻي هن ئي وقت ڌاري مون وٽ يزرعيل شهر ۾ کڻي اچو.“ جيئن تہ بادشاهہ اخي‌اب جي اولاد مان ستر ئي ڄڻا سامريہ جي درٻاري اميرن جي سنڀال هيٺ هئا جن جي هنن پالنا پئي ڪئي،