2 Kings 12:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهوآس اُهي سڀ پاڪ شيون هٿ ڪيون، جي سندن ابن ڏاڏن، يهوداہ جي بادشاهن يهوسفط، ۽ يهورام، ۽ اخزياہ وقف ڪيون هيون، ۽ پنهنجون وقف ڪيل شيون بہ، ۽ جيڪو بہ سون خداوند جي گهر، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ لڌو، سو سڀ هٿ ڪري ارام جي بادشاهہ حزائيل ڏانهن ڏياري موڪليائين: پوءِ هو يروشلم مان نڪري هليو ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يهوداہ جي بادشاهہ يوآس اهي سڀ نذرانا جيڪي هن جي ابن ڏاڏن يهوسفط، يهورام ۽ اخزياہ ۽ هن پاڻ خداوند لاءِ وقف ڪيا هئا ۽ جيڪو بہ سون هيڪل ۽ محل جي خزانن ۾ موجود هو سو سڀ هن ارام جي بادشاهہ حزائيل ڏانهن تحفي طور ڏياري موڪليو. تنهن کان پوءِ هو يروشلم کي ڇڏي موٽي ويو.