2 Kings 14:11 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر امصياہ اها ڳالهہ نہ ٻڌي. تنهنڪري يهوآس، اسرائيل جو بادشاهہ اُٿي هليو؛ ۽ بيت شمس، جو يهوداہ جو شهر آهي، تنهن وٽ هو ۽ يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ هڪ ٻئي جي منهن سامهون ٿيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر امصياہ سندس ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجي ارادي تي قائم رهيو. سو اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس پنهنجو لشڪر وٺي روانو ٿيو ۽ يهوداہ ملڪ جي بيتشمس شهر وٽ امصياہ سان جنگ ڪيائين.