2 Kings 15:29 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
فقحہ جي ڏينهن ۾ اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ عيون، ابيل بيتمعڪہ، ينوحاہ، قادس ۽ حصور شهر، جِلعاد جو علائقو، گليل ڍنڍ جي آسپاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي هيٺ ڪيائين ۽ هو ماڻهن کي پڻ قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو.