2 Kings 16:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ بادشاهہ آخز اورياہ ڪاهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ انهيءَ وڏي قربانگاهہ تي صبح واري سوختني قرباني چاڙهہ، ۽ شام واري کاڌي جي قرباني ۽ بادشاهہ جي سوختني قرباني ۽ سندس کاڌي جي قرباني، ملڪ جي سڀني ماڻهن جي سوختني قربانيءَ سميت، ۽ سندن کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ وارين قربانين سميت بہ چاڙهہ؛ ۽ اُنهيءَ تي سوختني قرباني ۽ ذبح ڪرڻ واري قربانيءَ جو سڀ رت ڇاٽار: پر پتل جي قربانگاهہ منهنجي سوال ڪرڻ لاءِ ٿيندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ بادشاهہ آخز اورياہ ڪاهن کي حڪم ڏنو تہ ”نئين وڏي قربان‌گاهہ تي مون بادشاهہ جي ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن جي صبح جو ساڙڻ واري قرباني ۽ شام جو اناج جي قرباني پيش ڪندو ڪر. ان کان علاوہ ماڻهن جي اوتڻ واري قرباني بہ پيش ڪندو ڪر. ساڙڻ وارين قربانين بلڪ سڀني جانورن وارين قربانين جو سمورو رت قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريندو ڪر. پر پتل واري قربان‌گاهہ خدا کان منهنجي سوال پڇڻ لاءِ رڳو مون لاءِ ڇڏي ڏي.“