2 Kings 17:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهيءَ جا قانون، ۽ جيڪو عهدنامو هن سندن ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ۽ جيڪي شاهديون هن کين ڏنيون هيون سي رد ڪري ڇڏيائون؛ ۽ بيهودين ڳالهين جي پٺيان پيا، ۽ مغرور ٿيا، ۽ سندن آس پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، جن قومن جي نسبت ۾ خداوند تاڪيد ڪيو هون تہ انهن جهڙا ڪم متان ڪريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن سندس حڪمَ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو عهد برقرار نہ رکيائون جيڪو خداوند سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو. هنن سندس تنبيهن تي بہ ڪو ڌيان نہ ڏنو، بلڪ ڪين جهڙن بتن جي پٺيان لڳي پاڻ بہ ڪين جهڙا ٿي پيا. سندن آس‌پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، حالانڪ خداوند کين تنبيهہ ڪندو رهيو تہ انهن جهڙا ڪم نہ ڪن.