2 Kings 17:24 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اسور جي بادشاهہ بابل مان، ۽ ڪوتہ مان، ۽ عوا مان، ۽ حمات ۽ سفروائم مان ماڻهو آڻي بني اسرائيل بدران سامريہ جي شهرن ۾ ويهاريا: ۽ هو سامريہ هٿ ڪري انهيءَ جي شهرن ۾ رهڻ لڳا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ اشور جي شهنشاهہ بابل، ڪوتہ، عوا، حمات ۽ سفروائم شهرن مان ماڻهن کي جلاوطن ڪري سامريہ علائقي جي شهرن ۾ اسرائيل وارن جي جاءِ تي آباد ڪيو. سو هو انهن شهرن ۾ قبضو وٺي رهڻ لڳا.