2 Kings 17:26 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهيءَ ڪري هنن اسور جي بادشاهہ کي چيو تہ جيڪي قومون تو آڻي سامريہ جي شهرن ۾ ويهاريون آهن، سي انهيءَ ملڪ جي خداوند جو رستو نٿيون ڄاڻين: سو هن انهن منجهہ شينهن موڪليا آهن ۽ ڏس، اُهي هنن کي مارين ٿا، ڇالاءِ جو هو انهيءَ ملڪ جي خدا جو رستو نہ ٿا ڄاڻن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن اشور جي شهنشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ ”جيڪي قومون اوهان آڻي سامريہ جي شهرن ۾ آباد ڪيون آهن تن کي تہ انهيءَ ملڪ جي معبود جي قانونن جي بہ ڪا خبر ڪانهي، تنهنڪري هن منجھن شينهن موڪليا آهن جيڪي کين مارين پيا.“