2 Kings 17:4 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اسور جي بادشاهہ هوسيع جو منصوبو معلوم ڪيو: ڇالاءِ جو هن مصر جي بادشاهہ سو ڏانهن ايلچي موڪليا ۽ اسور جي بادشاهہ ڏانهن ڪو نذرانو نہ موڪليائين، جيئن اڳي سال بسال موڪليندو هو: تنهنڪري اسور جي بادشاهہ هن کي قيد ۾ وجهي ٻڌي بند ڪري ڇڏيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر هڪڙي سال هوسيع مصر جي ”سو“ نالي بادشاهہ ڏانهن مدد لاءِ پنهنجا قاصد موڪليا ۽ اشور جي شهنشاهہ کي آئندہ لاءِ ڍل ڏيڻ بہ بند ڪري ڇڏيائين. جڏهن سلمنيسر کي انهيءَ ڳالهہ جو پتو پيو تڏهن هوسيع کي گرفتار ڪرائي قيد ۾ وجھي ڇڏيائين.