2 Kings 18:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ اسور جي بادشاهہ ڏانهن لڪيس ۾ چوائي موڪليو تہ مون قصور ڪيو آهي؛ مون وٽان موٽي وڃو: جيڪي تون مون تي رکندين سو آءٌ ڏيندس. ۽ اسور جي بادشاهہ يهوداہ جي بادشاهہ تي ٽي سؤ قنطار چانديءَ جا ۽ ٽيهہ قنطار سون جا ٻڌا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو بادشاهہ حزقياہ اشور جي شهنشاهہ ڏانهن جيڪو لڪيس شهر ۾ هو پيغام موڪليو تہ ”مون قصور ڪيو آهي. اوهين مهرباني ڪري مون وٽان موٽي وڃو ۽ جيڪو بہ تاوان اوهين مون تي رکندا سو آءٌ ڏيندس.“ تڏهن اشور جي شهنشاهہ کانئس ڏهہ هزار ڪلوگرام چاندي ۽ هڪ هزار ڪلوگرام سون گھريو.