2 Kings 18:22 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ اسان جو ڀروسو خداوند اسان جي خدا تي آهي: تہ هو اهو نہ آهي ڇا جنهن جون مٿانهيون جايون ۽ جنهن جون قربانگاهون حزقياہ ڪيرائي ڇڏيون آهن، ۽ جنهن يهوداہ ۽ يروشلم کي چيو آهي تہ اوهين يروشلم ۾ هن قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪجو؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عملدار اعليٰ وڌيڪ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادت‌گاهون ۽ قربان‌گاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربان‌گاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘