2 Kings 18:26 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن الياقيم بن خلقياہ، ۽ شبناہ، ۽ يواخ، ربشاقيءَ کي چيو تہ ڀلائي ڪري پنهنجن نوڪرن سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهاءِ، ڇالاءِ جو اسين اُها سمجهون ٿا: ۽ يهودين جي ٻوليءَ ۾ اسان سان نہ ڳالهاءِ، متان ڀت تي جيڪي ماڻهو آهن سي ٻڌن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن عملدار اعليٰ کي الياقيم، شبناہ ۽ يوآخ چيو تہ ”سائين! مهرباني ڪري اسان سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو، ڇو تہ اسين اُها سمجھون ٿا. يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ اسان سان نہ ڳالهايو، ڇو تہ ڀت تي ويٺل ماڻهو ٻڌن ٿا.“