2 Kings 19:25 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ اڳئين زماني ۾ مون اهو ڪيو، ۽ قديم وقت ۾ مون انهيءَ جو ڪهڙو بندوبست ڪري ڇڏيو هو؟ هاڻي مون اُهو پورو ڪيو آهي تہ تون ڪوٽ وارن شهرن کي ويران ڪري، ڦٽل ڍيرن ڪرڻ وارو ٿين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي سنحيرب! هاڻي مون خداوند جي ٻڌ، هي سڀ مون گھڻو اڳ رٿي ڇڏيو هو. تون نہ ٿو ڄاڻين تہ اهو آءٌ ئي آهيان، جنهن فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ اهو سڀ ڪجھہ تو کي ڪرڻو آهي. مون ئي تو کي چونڊي ڪڍيو هو تہ تون انهن ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويران دڙا بڻائي ڇڏين.