2 Kings 19:37 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هن پنهنجي معبود نسروڪ جي گهر ۾ سجدو پئي ڪيو، تيئن ادرملڪ ۽ شراضر هن کي ترار هڻي ماري وڌو، ۽ پوءِ هو اراراط جي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا. ۽ هن جو پٽ اسرحدون هن جي جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هو پنهنجي معبود نسروڪ جي پوڄا گھر ۾ پوڄا ڪري رهيو هو تہ سندس ٻن پٽن ادرملڪ ۽ شراضر کيس تلوار هڻي ماري وڌو ۽ اراراط جي علائقي ڏانهن ڀڄي ويا. تنهن بعد سندس ٽيون پٽ اسرحدون هن جي جاءِ تي شهنشاهہ ٿيو.