2 Kings 2:11 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هو ڳالهائيندا هليا ٿي ويا تيئن ڏس، هڪڙو باهہ جو رٿ، ۽ باهہ جا گهوڙا ڏسڻ ۾ آيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو؛ ۽ ايلياہ هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن چڙهي ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن هو ڳالهائيندا ۽ هلندا ٿي هليا، تيئن اوچتو ئي اوچتو باهہ جي هڪڙي گاڏي ۽ باهہ جا گھوڙا ظاهر ٿيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ الياس هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن کڄي ويو.