2 Kings 2:6 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ايلياہ هن کي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يردن ڏانهن موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. پوءِ هو ٻئي اڳتي هليا ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ الياس کيس چيو تہ ”تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند اردن درياءَ ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ پوءِ هو ٻيئي اڳتي هليا.