2 Kings 2:9 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پار پهتا تڏهن ايلياہ اليشع کي چيو تہ آءٌ تو وٽان کڄي وڃان، تنهن کان اڳي گهُر تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان. ۽ اليشع چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تنهنجي روح جو ٻيڻو حصو مون تي پوي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن هو ٽپي هُن ڀر ٿيا تڏهن الياس اليشع کي چيو تہ ”انهيءَ کان اڳ جو آءٌ تو وٽان مٿي کنيو وڃان، ٻڌاءِ تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان.“ اليشع وراڻيس تہ ”مون کي پنهنجي روحانيت جي ٻن حصن جو وارث ڪريو.“