2 Kings 21:7 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪا يسيرت جي مورت هن جوڙائي هئي سا هن انهيءَ گهر ۾ رکائي، جنهن جي بابت خداوند دائود کي ۽ سندس پٽ سليمان کي فرمايو هو، تہ هن گهر ۾، ۽ يروشلم ۾، جو اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون پسند ڪيو آهي، آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن يسيرہ ديويءَ جي جيڪا تراشيل مورتي ٺهرائي هئي، سا انهيءَ هيڪل ۾ رکايائين، جنهن بابت خداوند دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي فرمايو هو تہ ”هي يروشلم شهر، جنهن کي مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي ڪڍيو آهي ۽ انهيءَ ۾ ٺهيل منهنجي هيڪل ۾ آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس.