2 Kings 22:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اوهين وڃي منهنجي، ۽ ماڻهن جي، ۽ ساري يهوداہ جي طرفان خداوند کان انهيءَ لڌل ڪتاب جي ڪلام بابت پڇو: ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ اسان تي تمام ڏاڍي ڀڙڪي آهي، هن ڪري جو اسان جي ابن ڏاڏن انهيءَ ڪتاب جي ڪلام کي نہ مڃيو آهي ۽ اسان بابت جيڪي انهيءَ ۾ لکيل آهي تنهن تي پوري تعميل نہ ڪئي اٿن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”اوهين وڃي منهنجي، ٻين ماڻهن جي ۽ سڄي يهوداہ جي طرفان هن لڌل ڪتاب ۾ لکيل ڳالهين بابت خداوند کان پڇا ڪريو. خداوند اسان تي ضرور ڏمريو هوندو، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ابن ڏاڏن هن ڪتاب جي ڳالهين کي ڪونهي مڃيو جو اسان بابت جيڪي هن ۾ لکيل آهي تنهن تي پوريءَ طرح عمل ڪن ها.“