2 Kings 22:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن خلقياہ ڪاهن، ۽ اخيقام، ۽ عڪبور، ۽ سافن، ۽ عساياہ، اُهي سڀيئي خلدہ نبيہ ڏانهن ويا، جا سلوم، بن تقوہ، بن خرخس، توشہ خاني جي داروغي جي زال هئي؛ (هاڻي اُها يروشلم جي ٻئي ڀاڱي ۾ رهندي هئي؛) ۽ انهن وڃي هن سان حال ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن خلقياہ ڪاهن ، اخيقام، عڪبور، سافن ۽ عساياہ، اُهي سڀيئي خلدہ نالي نبياڻيءَ ڏانهن ويا، جيڪا يروشلم جي نئين آباديءَ واري علائقي ۾ رهندي هئي. هن جو مڙس سلوم ولد تقوم ولد خرخس هو ۽ هو هيڪل جي توشاخاني جو نگران هو. هنن وڃي نبياڻيءَ سان سڄو احوال ڪيو.