2 Kings 23:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ آخز جي مٿينءَ ڪوٺيءَ جي ڇت تي جي قربانگاهون يهوداہ جي بادشاهن جوڙايون هيون، ۽ جي قربانگاهون خداوند جي گهر جي ٻن ايوانن ۾ منسي جوڙايون هيون، سي بادشاهہ ڊهرائي خاڪ ڪري ڇڏيون، ۽ اُها خاڪ اُتان کڻائي قدرون جي نهر ۾ اُڇلارائي ڇڏي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
شاهي محل جي مٿان آخز واري ڪوٺيءَ جي ڇت تي جيڪي قربانگاهون يهوداہ جي بادشاهن ٺهرايون هيون ۽ جيڪي قربانگاهون هيڪل جي اڱڻن ۾ منسيءَ جوڙايون هيون سي يوسياہ بادشاهہ ڊهرائي خاڪ ڪري ڇڏيون ۽ اها خاڪ کڻائي قدرون جي برساتي نهر ۾ اڇلرائي ڇڏيائين.