2 Kings 23:15 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن کان سواءِ جيڪا قربانگاهہ بيت ايل ۾ هئي ۽ جيڪا مٿانهين جاءِ يربعام بن نباط جوڙائي هئي، جنهن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا، سا قربانگاهہ ۽ مٿانهين جاءِ هن ڊهرائي ڇڏي؛ ۽ اُها مٿانهين جاءِ هن ساڙي لتاڙي خاڪ ڪري ڇڏي، ۽ يسيرت بہ ساڙي ڇڏيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن کان سواءِ يوسياہ اسرائيل ملڪ ڏانهن وڃي اتان جي بيتايل واري غير معبودن جي قربانگاهہ ۽ اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌوڪيندڙ يربعام ولد نباط جي جوڙايل ٽڪر واري پوڄا گھر کي بلڪل ڊهرائي ڇڏيو. هائو، هن اهو پوڄا گھر ساڙائي ۽ لتاڙائي خاڪ ڪرائي ڇڏيو ۽ يسيرہ وارا ٿنڀا پڻ ساڙائي ڇڏيائين.