2 Kings 23:16 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيئن يوسياہ منهن ڦيرايو تيئن هن جي نظر انهن قبرن تي پيئي جي انهيءَ جبل ۾ هيون؛ ۽ هن ماڻهو موڪلي انهن قبرن مان هڏا ڪڍائي ورتا، ۽ انهن کي قربانگاهہ تي ساڙيائين، ۽ انهيءَ کي پليت ڪيائين، جيئن ڪ خدا جي مرد، خداوند جي ڪلام موجب اهي ڳالهيون پڌريون ڪري ٻڌايون هيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ يوسياہ چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺو تہ هن کي اتي قبرون ڏسڻ ۾ آيون جيڪي انهيءَ ٽڪر تي هيون. هن ماڻهو موڪلي انهن قبرن مان هڏا ڪڍائي ورتا ۽ انهن کي قربانگاهہ تي ساڙائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ قربانگاهہ جي بيحرمتي ڪئي. سو خدا جو جيڪو فرمان خدا جي بندي اڳڪٿي ڪندي ٻڌايو هو، سو پورو ٿيو.