2 Kings 23:24 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن کانسواءِ جن کي جنَ ايندا هئا تن کي، ۽ ڏائڻين کي، ۽ ترافيم، ۽ بتن، ۽ ٻيون سڀ ڪراهت جهڙيون شيون جي يهوداہ جي ملڪ ۾ ۽ يروشلم ۾ ڏٺيون ويون، تن کي يوسياہ ڪڍائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ شريعت جو ڪلام قائم ٿئي، جو اُنهيءَ ڪتاب ۾ لکيل هو، ۽ جو خلقياہ نبيءَ خداوند جي گهر ۾ لڌو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ کان علاوہ يوسياہ بادشاهہ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ۽ مورتين، بتن ۽ ٻين ڪراهت جهڙين شين، جيڪي يروشلم شهر توڙي سڄي يهوداہ جي ملڪ ۾ گھرن منجھہ توڙي ٻاهر ڏسڻ ۾ اينديون هيون، تن سڀني جي پاڙ پٽي ڇڏي. هن اهو انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن شريعت جون ڳالهيون قائم ڪري جيڪي انهيءَ ڪتاب ۾ لکيل هيون جيڪو سردار ڪاهن خلقياہ خداوند جي گھر مان لڌو هو.