2 Kings 23:3 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ بادشاهہ ٿنڀ جي پاسي ۾ اُٿي بيٺو ۽ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيائين تہ خداوند جي پيروي ڪندس، ۽ سندس حڪمن، ۽ سندس شاهدين، ۽ سندس قاعدن جي پنهنجي سموريءَ دل ۽ روح سان سنڀال ڪندس، ۽ هن عهدنامي جون ڳالهيون، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، سي عمل ۾ آڻيندس: ۽ سڀ ماڻهو انهيءَ عهد اقرار تي قائم رهيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ بادشاهہ ٿنڀي جي ڀرسان ٿي بيٺو ۽ خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد اقرار ڪيائين تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي پوريءَ دل سان مڃينداسين، يعني عهدنامي جون ڳالهيون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“ پوءِ سڀني ماڻهن انهيءَ عهدنامي جو قسم تي اقرار ڪيو.