2 Kings 25:23 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي جڏهن لشڪرن جي سڀني سردارن ۽ سندن ماڻهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جدلياہ کي حاڪم مقرر ڪيو آهي، تڏهن هو مصفاہ ۾ جدلياہ وٽ آيا، يعني اسماعيل بن نتنياہ، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ سراياہ بن تخومت نطوفاتي، ۽ يازنياہ، جو معڪاتيءَ جو پٽ هو، اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن يهوداہ وارن جي لشڪر جي سڀني سالارن ۽ سندن جنگي جوانن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جِدلياہ کي گورنر مقرر ڪيو آهي، تڏهن هو مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا. جيڪي وٽس آيا سي هي هئا: اسماعيل ولد نتنياہ، يوحنان ولد قريح، سراياہ ولد تنحومت، عيفي نطوفاتيءَ جو اولاد ۽ يازنياہ ولد معڪاتي. اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت وٽس آيا.