2 Kings 25:4 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن شهر جي ڀت کي هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون ۽ سڀ جنگي ماڻهو رات جي وقت ٻن ڀتين جي وچ واري دروازي کان ڀڄي نڪتا، جو دروازو بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان هو: (هاڻي انهيءَ وقت ڪلدي شهر جي چوڌاري گهيرو ڪيو بيٺا هئا:) ۽ بادشاهہ عرباہ جي رستي کان هليو ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بابل وارن هڪڙي هنڌان شهر جي ڀت ڀڳي. تنهن وقت صدقياہ پنهنجي لشڪر سميت ان دروازي منجھان ڀڄي نڪري ويو جيڪو سندس باغ جي ڀرسان گھٽيءَ ۾ هو، جڏهن تہ بابل وارا شهر جو گھيرو ڪيو بيٺا هئا. صدقياہ بادشاهہ پنهنجي لشڪر سوڌو ڀڄي اردن ماٿريءَ وارو رستو ورتو.