2 Kings 3:14 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اليشع چيو تہ لشڪرن جي جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ يقيناً جي يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط هت حاضر نہ هجي ها، تہ جيڪر آءٌ تو ڏانهن نهاريان بہ ڪين، ۽ توکي ڏسان ئي ڪين ها.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اليشع چيو تہ ”جيئري خداوند قادرِمطلق جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان، تہ جيڪڏهن يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط هتي حاضر نہ هجي ها تہ جيڪر آءٌ تو ڏانهن نهاريان بہ نہ ها، نڪي تو ڏانهن ڌيان ئي ڏيان ها.