2 Kings 3:27 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن هن پنهنجو وڏو پٽ کنيو، جو کانئس پوءِ بادشاهہ ٿيڻو هو، ۽ اُنهيءَ کي ڀت جي مٿان سوختني قرباني ڪري چاڙهي ڇڏيائين. ۽ اُنهيءَ ڪري ماڻهو اسرائيل تي ڏاڍو ڪاوڙيا: ۽ هن کي ڇڏي ويا، ۽ موٽي پنهنجي ملڪ ڏانهن هليا ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ، جيڪو کانئس پوءِ بادشاهہ ٿيڻو هو، تنهن کي شهر جي ڀت تي موآب جي معبود لاءِ قربانيءَ طور پيش ڪيو. تنهن تي اسرائيل جي لشڪر تي دهشت ڇانئجي ويئي ۽ هو شهر کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ڏانهن هليا ويا.