2 Kings 3:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط ڏي پيغام موڪليو تہ موآب جو بادشاهہ مون کان باغي ٿي ويو آهي: تون موآب سان جنگ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلندين يا نہ؟ ۽ هن چيو تہ آءٌ هلندس: آءٌ اهڙو آهيان جهڙو تون، منهنجا ماڻهو اهڙا آهن جهڙا تنهنجا ماڻهو، منهنجا گهوڙا اهڙا آهن جهڙا تنهنجا گهوڙا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط ڏانهن هي پيغام پڻ موڪليو تہ ”موآب جو بادشاهہ مون کان باغي ٿي ويو آهي. ڇا تون موآب سان جنگ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلندين؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ هلندس. آءٌ ۽ تون هڪ آهيون ۽ منهنجا ۽ تنهنجا ماڻهو ۽ گھوڙا بہ هڪ آهن.“