2 Kings 4:27 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن هو انهيءَ ٽڪر تي خدا جي مرد وٽ آئي، تڏهن انهيءَ جي پيرن کي وڃي جهليائين. ۽ جيحازيءَ هن کي ڌڪي پري ڪرڻ لاءِ ويجهو آيو؛ پر اُنهيءَ خدا جي مرد چيس تہ هن کي ڇڏي ڏي: ڇالاءِ جو هن جي دل پريشان آهي؛ ۽ خداوند اها ڳالهہ مون کان لڪائي آهي، ۽ مون کي نہ ٻڌائي اٿس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن هوءَ انهيءَ ٽڪر تي خدا جي ٻانهي وٽ آئي تڏهن هوءَ ڪري پيئي ۽ سندس پيرن کان پڪڙيائين. جيحازي هن کي ڌڪي پري ڪرڻ لاءِ ويجھو آيو، پر انهيءَ خدا جي ٻانهي چيس تہ ”هن کي ڇڏي ڏي. هوءَ ڏاڍي ڏکايل آهي. خداوند مون کان اها ڳالهہ لڪائي آهي ۽ الائي ڇو مون کي نہ ٻڌائي اٿس.“