2 Kings 4:42 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ بعل سليسہ مان هڪڙو ماڻهو اُتي آيو، ۽ اُنهيءَ خدا جي مرد لاءِ پهرئين فصل جي ماني آندي، يعني جَوَن جون ويهہ مانيون، ۽ تازا اَن جا سنگ، پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ آندائين. ۽ هن چيو تہ اهي بہ هنن ماڻهن کي ڏي تہ کائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٻئي موقعي تي بعلشالِشہ مان هڪڙو ماڻهو اتي آيو. هن انهيءَ خدا جي ٻانهي لاءِ جَون جي پهرئين فصل مان ويهہ پڪل مانيون ۽ اناج جا تازا سنگ آندا. اليشع پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”اهي ماڻهن کي ورهائي ڏي تہ کائين.“