2 Kings 4:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ اليشع لنگهي شونيم ڏي ويو، جتي هڪڙي امير زال رهندي هئي؛ ۽ هن زور ڪيس تہ ماني کاءُ. ۽ ائين ئي ٿيو، تہ جڏهن ڪڏهن هو اُتان لنگهندو هو تڏهن ڦري اچي اُتي ماني کائيندو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هڪڙي ڏينهن اليشع شونيم ڳوٺ ڏانهن ويو. اتي هڪڙي شاهوڪار عورت رهندي هئي جنهن اليشع تي زور ڀريو تہ ”اسان جي دعوت کاءُ.“ انهيءَ کان پوءِ جڏهن بہ اليشع شونيم ڳوٺ ڏانهن ويندو هو تہ انهيءَ عورت وٽ ماني کائيندو هو.