2 Kings 5:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن جا نوڪر ويجهو آيا، ۽ هن کي چوڻ لڳا تہ اي منهنجا جا ابا، جيڪڏهن نبي توکي ڪنهن وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ها تہ تون اُهو نہ ڪرين ها ڇا؟ تڏهن ڇو نہ تون ائين ڪرين جڏهن هو توکي چوي ٿو تہ غسل ڪري پاڪ ٿيءُ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن نعمان جا نوڪر وٽس آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي سائين! جيڪڏهن نبي اوهان کي ڪنهن وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ها تہ اوهين اهو نہ ڪريو ها ڇا؟ تہ پوءِ ڇو توهين هن جي چوڻ مطابق غسل نہ ٿا ڪريو، تہ ڇٽي چڱا ڀلا ٿي پئو؟“